تاريخ لانگاهه

تاريخ لانگاهه (ڪتاب ):احمد خان لانگاهه جو اردوءَ ۾ تصنيف ٿيل هي ڪتاب ”تاريخ لانگاهه“، علمي پرنٽرس ڪراچيءَ مان 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڊيمي سائيز جي 190 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ لانگاهه قبيلي جي عروج ۽ زوال جي تفصيلي ذڪر سان گڏ هن قبيلي جي ٻن عظيم شخصيتن، سلطان حسين برهان الدين لانگاهه ۽ شهيد شاهه عنايت لانگاهه تي تفصيلي روشني وڌل آهي. ليکڪ، ڳوٺ گوزي تعلقي خيرپورناٿن شاهه ضلعي دادو جو ويٺل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو